رمضان سخيراڻي

رمضان سخيراڻي: سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز محمد رمضان ولد رانجهو سخيراڻي، 1978ع ڌاري ڦلجي اسٽيشن دادوءَ ۾ ڄائو. هن ابتدا ۾ موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. جلد ئي سنڌ جي تمام وڏي ڍولڪ نواز محمد بچل جي شاگردي ورتائين. هن وقت پاڪستان جو ڪوبه اهڙو مشهور راڳي نه آهي، جنهن سان رمضان سخيراڻي ڍولڪ نه وڄائي هجي.
محمد رمضان سخيراڻي پاڪستان جي مشهور گائڪن: مهدي حسن، غلام علي ۽ ٻين سان به ڍولڪ وڄائي چڪو آهي. هن ڪافي عرصو سنڌ جي مشهور فنڪار منظور سخيراڻيءَ سان به ڍولڪ وڄائي. آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ کيس ڪافي مڃتا ملي. کيس آل ميوزڪ ڪانفرنس اوارڊ ۽ استاد بخاري اوارڊ ملي چڪا آهن. محمد رمضان سخيراڻي دبئي، جرمني، بيلجيم ۽ برطانيه وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ڍولڪ وانگر طبلي تي به اوتري ئي دسترس رکي ٿو ۽ ان کانسواءِ گهڙو ۽ نال به سٺو وڄائڻ ڄاڻي. هن وقت هي دادو ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رمضان سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو